شو مندر رتن تلاٰءَ ڪراچي

شو مندر رتن تلاٰءَ، ڪراچي: مندر جي هيءَ عمارت صدر، ڪراچيءَ ۾ پريڊي ٿاڻي واري رستي تي اڪال ڀونگي مندر جي سامهون ويندي، سعيد منزل طرف رستي جي ساڄي هٿ تي موجود آهي. مندر جي عمارت گھڻي پراڻي آهي. مندر جي حدن ۽ آس پاس ۾ موٽر مسترين، هوٽلن ۽ ڪرياني وغيره جي ڪاروبارين سميت هندستان مان آيل مهاجرن جي رهائش سبب قبضا ٿيل آهن. مندر جي تعمير ٽه ماڙ آهي، پر هن وقت مندر گھڻو استعمال ۽ سنڀال هيٺ ڪونهي، جنهنڪري ڪراچيءَ جي اڪثر پراڻن مندرن جيان هيءَ عمارت بند پيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو